حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي حيدرآباد فرضن ۾ ڪوتاهي جي الزام هيٺ ٻن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي. امجد احمد شيخ پاران مڪي شاهه ٿاڻي تان عطا محمد ڪاڪا کي هٽائي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ابراهيم بوزدار کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته راهوڪي ٿاڻي تان وزير بروهي کي لائين حاضر ڪري سندس جاءِ تي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد انور خانزادي کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي پاران معطل ڪيل ٻئي ايس ايچ اوز حدن ۾ منشيات بند  ڪرائڻ بدران هٿي وٺرائي رهيا هئا ۽ عوامي شڪايتن بعد ايس ايس پي سندن خلاف ڪارروائي ڪري معطل ڪري ڇڏيو آهي.