ٻٻرلوءِ (ن پ ا) هفتو اڳ ٻٻرلوءِ مان گم ٿيل نوجوان نند لعل جو روهڙي ڪئنال مان لاش ملي ويو. خبر موجب ٻٻرلوءِ جي دونهون ابراهيم شاهه واسي نوجوان نند لعل پٽ ريلو مل هفتو اڳ گهران ڪاوڙجي نڪري ويو هو، جنهن جو لاش ٻٻرلوءِ ويجهو روهڙي ڪئنال جي ڀٽا پل وٽان مليو آهي. اهڙي اطلاع بعد  ٻٻرلوءِ پوليس ڪئنال مان لاش ڪڍرائي خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ هو ته نند ڪمار بيروزگار هو، جنهن سبب گهر وارن سان اڻبڻت هلندي رهندي هئي. هفتو اڳ گهر وارن سان ڪاوڙجي خودڪشيءَ جو چئي گهران نڪري ويو هو. اڄ سندس لاش روهڙي ڪئنال مان هٿ آيو آهي.