ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ ڦالائي چولياڻي ۾ مقدم نادر چولياڻي جي سرپئنچي ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ٿيو. الزام هيٺ آيل اڪبر چولياڻي جي ڌر مٿان 17 لک ڏنڊ مڙھيو ويو. ڪريم بخش چولياڻي ۽ اڪبر چولياڻي جي ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان تڪرار هلندڙ هو جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين جا چڱا مڙس شريڪ ٿيا ڳالهيون ٻڌڻ بعد اڪبر چولياڻي جي ڌر مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مٿس 17 لک ڏنڊ مڙھيو ويو. الزام هيٺ آيل ڌر پاران ڪريم بخش چولياڻي کي 2 لک موقعي تي ادا ڪيا بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتوي’ ٻڌائي وئي ذريعن موجب سرپئنچ پاران پنهنجي پڳ جا 3 لک پڻ ڏنڊ رکيو، رابطو ڪرڻ تي سرپئنچ نادر چولياڻي چيو ته ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي جو ٺاھ ڪرايو آهي پنهنجو ڏنڊ ناهي ورتو.