ڪراچي: جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال چيو آهي ته ٻيهر ڳڻپ ڪري نتيجا جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي، آر اوز پڪا نتيجا ٺاهي رهيا آهن، ٻن ڏينهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران سرڪاري طور نتيجا جاري ڪيا ويندا، هن چيو ته اسان آر اوز کي چيو آهي ته جلد نتيجا مڪمل ڪيا وڃن، فارم 13 پولنگ جو نتيجو آهي،  جڏهن ته  فارم 14 کٽيندڙ اميدوار بابت آهي، ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ جڏهن اسان کي آر اوز کان نتيجا ملندا ته پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان سرڪاري نتيجن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته جڏهن ايوان مڪمل ٿيندو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ٿيندي، اسان اهو نٿا ٻڌائي سگهون ته ڪراچي ۾ ڪهڙي سياسي پارٽي ڪيترين سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي؟ حتمي بيان نٿو ڏئي سگهجي، جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان وٽ  ڌانڌليءَ جون 5 کان 6 درخواستون آيون آهن، جيڪي اسان ڊي آر اوز ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن.