ڪراچي:  ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي  نتيجن جي  ٻيهر ڳڻپ لاءِ مختلف پارٽين ۽ آزاد اميدوارن پاران 2 هزار کان وڌيڪ درخواستون جمع، وڌيڪ درخواستون جمع ٿيڻ جو سلسلو جاري، جماعت اسلامي دعويٰ ڪئي آهي ته ٻيهر ڳڻپ سبب پيپلز پارٽي کي هڪ سيٽ ملي آهي، جڏهن ته چنيسر ڳوٺ جي هڪ يوسي مان جماعت اسلامي محروم ٿيڻ  بعد سڄو ٽائون پيپلز پارٽي وٽ هليو ويو، غير حتمي نتيجن موجب ڪراچي جي 25 مان 11 ٽائون پيپلز پارٽي کڻي پهرين نمبر، جماعت اسلامي 10 ٽائون کڻي ٻئي نمبر ۽ 3 ٽائونن سان تحريڪ انصاف ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻيهر ڳڻپ سبب يوسيز جا نتيجا تبديل  ڪري ڪجهه ٽائونز جي پوزيشن تبديل ٿي سگهي ٿي، ڪورنگي ٽائون ۾ صورتحال دلچسپ آهي، جتي پيپلز پارٽي 3، جماعت اسلامي 3، تحريڪ انصاف 2، جڏهن ته نواز ليگ ۽ ٽي ايل پي هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي، ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواستون اچڻ جي صورت ۾ مڪمل نتيجا اچڻ ۾ ٻه هفتا  لڳي سگهن ٿا.