ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر  ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي جا روڊ رستا ئي  اسان لاءِ ايوان آهن،  رستن تي ويهي ڪراچي  کي هلائينداسين، رات پي آءِ بي گرائونڊ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته تعصب اهو ناهي ته ظلم خلاف قوم کي گڏ ڪجي پر تعصب اهو آهي ته ظلم ڪرڻ ۾ قوم جو ساٿ ڏجي، ايم ڪيو ايم تاريخ ۾ نه ظلم ڪيو آهي ۽ نه ئي ظلم ڪندڙن جو ساٿ ڏنو آهي، اڄ اليڪشن کٽيندڙ شرمنده آهن ته پنج سيڪڙو ماڻهو به ووٽ ڏيڻ لاءِ نه نڪتا، پوليس جي لڳايل ٺپن ووٽرن جي ٽرن آئوٽ کي شڪست ڏني، هي لاڏلن جو ڪلب آهي، جتي اليڪشن کٽي وئي آهي، اسين ڪڏهن به لاڏلا ناهيون رهيا، مڪاني اليڪشن کي ڍونگ قرار ڏيارينداسين، اصول ڇڏي اليڪشن کٽڻ تي ايم ڪيو ايم لعنت ٿي وجهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي قبضو ڪندڙن جي نشاني تي آهي، هن شهر جي عوام جي دل کٽڻ بدران شهر تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسين کين ٻڌايون ٿا ته اوهان جا خواب اسان جي موجودگي ۾ شرمنده تعمير ٿيندا، ٻه ڏينهن اڳ اليڪشن وڙهندڙن شهري سنڌ جي ماڻهن سان غداري ڪئي،  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسين هاڻي متحد آهيون اسان قربانيون به انهي ڪري ڏنيون ته ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي سگهون.