حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٻيلي کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪنزويٽر کي ملازمتون ڏئي پگهارون جاري ڪرڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي فاريسٽ کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 4 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. مصطفيٰ سعيد ۽ ٻين اميدوارن پنهنجي وڪيل غلام سرور بليدي معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو آهي ته 20 مئي 2021ع تي لاڳاپيل عدالت فاريسٽ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي اسسٽنٽ ڪنزرويٽر جي مقررين کان روڪيو هو پر تنهن باوجود ڳجهه ڳوهه ۾ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن 7 اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر ڏئي کين پگهارن لاءِ فنڊ به جاري ڪري ڇڏيو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل معرفت عدالت کي آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته لاڳاپيل عدالت جي حڪم تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سمورو ڪاروهنوار بند پيل آهي تنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي ڪارڪردگي سبب اڄ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند پيل آهي؟ جڏهن ته ڪميشن بند هئڻ باوجود عملدار آفيسن ۾ ويهي ڇا ٿا ڪن؟ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين، چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ اينڊ وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي به ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.