پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ پوليس جو ڪارنامو، ويڳي ماءُ کي زخمي ڪندڙ جوابدار وٽان هٿ ڪيل پستول پوليس گم ڪري ڇڏيو، ڪيس جو فريادي عدالت ۾ پيش، جاچ عملدار سميت ٻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي گذارش. رپورٽ موجب پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ڪوٽ دينل شاهه محلي جي رهواسي جمال الدين ولد محمد آچر راهوجو خيرپور جي سيشن ڪورٽ ۾ پيرڳوٺ ٿاڻي جي جاچ عملدار سب انسپيڪٽر عبدالڪريم ميتلو ۽ اي ايس آءِ لياقت علي بوزدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي گذارش ڪندي ڄاڻايو آهي ته تاريخ 5 سيپٽمبر 2021 تي سندس جي پٽ جوابدار عبدالجبار راهوجو پنهنجي ويڳي ماءُ مسمات صاحب خاتون کي ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو. اهڙو ڪيس پيرڳوٺ ٿاڻي تي جوابدار عبدالجبار خلاف داخل ڪرايو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ دوران هڪ پستول گولين سميت برآمد ڪيو پر پوليس عملدارن پستول گم ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار خلاف اهڙو ڪيس داخل ناهي ڪيو. هن عدالت کي گذارش ڪئي ته پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخلا جو حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ٻنهي پوليس عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.