خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي، پنجهٽي واسي ٻن جوابدار ڀائرن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم. خبر موجب خيرپور جي ٿرڊ سول جج جي عدالت ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي هڪ قتل ڪيس ۾ پوليس طرفان روپوش ڄاڻايل جوابدارن زاهد حسين شاهه ۽ سندس ڀاءُ نصير شاهه جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.