ٻيلو شھر (ن پ ا) ٻيلو شھر لڳ ڳوٺ عبدالله سوڍو ۾ 12 ورهين جي معصوم نينگري شھناز ڌيءُ مرحوم حاجي سوڍو پير ترڪڻ سبب ڳوٺ ڀرسان وهندڙ سوڍا واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. ڳوٺاڻن ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد نينگريءَ جو لاش واهه مان هٿ ڪيو.