ٺٽو (رپورٽر) گجو شهر ڀرسان ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي جي فراهم ڪندڙ ڪي ڊي اي واھ ۾ گجي شهر جي ميربحر پاڙي جو رهواسي نوجوان غلام قادر عرف گلڙي پٽ عثمان ميربحر واھ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس مقامي ٽوٻن جي مدد سال لاش واھ مان ڪڍرائي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.