سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب سنجراڻي ۾ ڀاءُ مالڪ شيخ ننڊ ستل سڳي ڀيڻ 12 ورهين جي شاھينه شيخ کي تيز ڇريءَ سان بي رحماڻي طريقي سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ايس ايچ او سنجهورو غلام شبير دلواڻي روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي جيئن صبح جو اطلاع مليو ته اسان سرزمين تي پهتاسين جتي مقتول نينگري جي والد قاسم شيخ ۽ ڀاءُ مالڪ شيخ اصل معاملي کي لڪائيندي نينگريءَ جي قتل کي دشمني جو رنگ ڏيندي قتل جو الزام مالڪ شيخ جي سهريجن لياقت شيخ ۽ رياض شيخ تي هنيو پر اسان اتي سرزمين جي جائزي وٺڻ کانپوءِ اسانکي معاملي بابت شڪ پيدا ٿيو جنهن بعد اسان معاملي جي گهري جاچ، آڏي پڇا شروع ڪئي جنهن ۾ نينگري جي ڀاءُ مالڪ شيخ پوليس آڏو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. جوابدارن مٿان قلم 302 ۽ 834 مطابق ڪرائيم نمبر 38 /2021 تحت ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، ٻئي طرف جوابدار مالڪ شيخ سنجهوري پوليس کي ڏنل پنهنجي ويڊيو بيان ۾ ٻڌايو ته منهنجي شادي پنهنجي ڀيڻ گل پري جي رشتي عيوض ٽنڊوآدم مان ٿيل آھي، منهنجي سهريجن سان تڪرار هلندڙ هو ۽ هنن منهنجي زال سميت ڀيڻ کي پنهنجي گهر رکيو ويٺا هئا، راڄوڻي بعد جڏهن آئون پنهنجي گهرواري کي وٺڻ لاءِ ٽنڊوآدم ويس ته منهنجي سهريجن گهرواري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جنهن تي مون پنهنجي سهريجن تي ڪيس ٺاهڻ لاءِ پنهنجي 12 سالن جي ننڊ پيل ڀيڻ شاهينه کي ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو ته جيئن هلندڙ تڪرار جو جواز ڄاڻائي ان جو الزام پنهنجي سهريجن تي هڻي سگهان.