فريد آباد/ ميھڙ (نمائندا) سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کان زندگي زور ٿيندي پئي وڃي، انتطاميا پاران واهر نه ٿيڻ ڪري کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن جا سياري جي ٿڌي موسم اهنج وڌائي ڇڏيا آهن. فريد آباد ۾ ٻوڏ متاثر ٻارڙو سخت سيءُ سبب زندگي کان محروم ٿي ويو.ان ڏس ۾ ميھڙ ڀرسان فريدآباد واري علائقي شعيب ڪالوني جي رھواسي عبدالمجيد تيوڻو جو معصوم ٻالڪ فوت ٿي ويو آهي. کلي آسمان ھيٺ ويٺل ٻن ورهين جو معصوم ٻارڙو محمد پٽ صدام حسين تيوڻو ٿڌ لڳڻ سبب وفات ڪري ويو. معصوم ٻالڪ جو بيوقتائتو ۽ نڌڻڪائپ وارو موت سندس امڙ جو جيءُ جهوري ويو. معصوم ٻالڪ جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ به سوڳ ڇانيل آهي. واضح رھي تہ ميھڙ جي مختلف ڳوٺن ۾ ھن وقت تائين پاڻي بيٺل آھي ٽينٽ نہ ملڻ سبب ماڻھو سردي ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن. فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ ڳوٺن مان پاڻي لھڻ بعد پنهنجن ڊٿل گهرن ۾ واپس آيل سوين ٻوڏ متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جن جي سرڪار ڪنهن به قسم جي ڪابه واھر نه ڪري سگهي آهي.