اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي مستقل ڪرڻ بابت قائم خصوصي ڪاميٽي 1791 ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ ان حوالي سان ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي، مختلف وزارتن ۾ ملازمن کي مستقل ڪرڻ لاءِ جوڙيل خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس  قادر مندوخيل جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪاميٽي وفاقي نظام تعليم جي ڊي جي جي عدم حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ڊيلي ويجز ملازمن چيو ته ڏهن سالن کان خورشيد شاهه ڪاميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آھي، ڪاميٽي وفاقي تعليمي ادارن ۾ نئين ڀرتين تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪندي 8 نومبر تي گريڊ هڪ ۽ گريڊ 2 جي جاين تي ڀرتي  لاءِ جاري ڪيل اشتهار فوري رد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ڪاميٽي چيو آھي ته جيستائين ڊيلي ويجز ملازمن جي مستقلي جو مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي ڪنهن اداري ۾ ڀرتي نه ٿيندي، ڪاميٽي 1791 ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، ڪاميٽي ايندڙ اجلاس ۾ سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ ڊي جي ايجوڪيشن کي به طلب ڪري ورتو آھي.