ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي جي اختيارين ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ  45 استادن کي معطل ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري تعليم پاران مختلف ضلعن ۾ ميڊيا جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته بدين جا استاد هوت خان، حبيب الله، الله بچايو شاھ ۽ ذوالفقار علي ۽ ٽنڊو محمد خان مان محرم ميمڻ کي به معطل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح محبت سانگي، عثمان تنيو، غلام مرتضيٰ، جاڙو خان ڀٽو سميت مجموعي طور تي 45 استادن کي معطل ڪيو ويو آهي.