نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) عامر طور تي اوهان کي اهڙا گهڻا ئي واقعا ٻڌل هوندا ته ڪنهن جي پيٽ جي آپريشن دوران موبائلن فون هٿ آئي ته ڪنهن جي پيٽ مان قنچي نڪتي. پر ڀارت ۾ اهڙي ئي نوعيت جو هڪ عجيب ڪيس سامهون آهي آهي جو ڊاڪٽرن ڪامياب آپريشن ڪري مريض جي پيٽ مان 63 سڪا ڪڍي ورتا، اهڙو واقعو ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ پيش آيو جتي 36 سالن جي شهري جي معدي ۾ تڪليف سبب اسپتال آندو ويو. پيٽ ۾ تڪليف جي شڪايت تي ڊاڪٽرن مختلف ٽيسٽ ڪيا جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته مريض جي معدي ۾ ڪيترائي سڪا موجود آهن. جنهن بعد ڊاڪٽرن طرفان ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ آپريشن ۾ اينڊو اسڪوپڪ طريقي جي مدد سان شخص جي پيٽ مان 63 سڪا ڪڍيا ويا. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته شخص ذهني دٻاءَ سبب سمورا سڪا ڳهي ويو هو. ميڊيا رپورٽن موجب آپريشن کان پوءِ مريض جي طبعيت بهتر ٿي رهي آهي.