برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز وومينز ڪرڪيٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 44 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ آسٽريليا وومين ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنز ٺاهيون. بيٿ موني 70 ۽ تهيلا ميڪگراٿ 78 رنز ٺاهي نمايان رهيون. پاڪستان طرفان فاطمه ثنا ۽ ساديه اقبال هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. قومي وومين ٽيم هدف پٺيان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 116 رنز ٺاهي سگهي. فاطمه ثنا 35، بسمه معروف ۽ عمائمه سهيل 23-23 رنز ٺاهي نمايان رهيون. آسٽريليا طرفان تهيلا ميڪگراٿ 3 وڪيٽون ورتيون.