برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز جي مڪسڊ اسڪواڊ مقابلن ۾ پاڪستان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان مڪسڊ اسڪواش مقابن ۾ ناصر اقبال ۽ فائزه ظفر حصو ورتو. پاڪستان سريلنڪا کي 2-0 تان شڪست ڏني. پاڪستان 11-10 ۽ 11-5 پوائنٽن تان سريلنڪا کي هارايو. ان کان علاوهن جهان آرا نبي 400 ميٽر فري اسٽائل ۾ پنهنجو ذاتي رڪارڊ بهتر ڪيو. ويمنز ڊبلز بيڊ منٽن مقابلن ۾ ماحور شهزاد ۽ غزاله صديقي کي شڪست ٿي وئي. آسٽريليا جي ويمنز ٽيم قومي رانديگرياڻين کي 21-10 ۽ 21-13 تان هارايو.