نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ اٺين ڪلاس جي شاگرد جي محبت ۾ مبتلا، گهران نڪري وئي. ڀارت ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ اٺين ڪلاس جي شاگرد سان گڏ گهران نڪري وئي. 30 سالن جي عورت ۽ هڪ 15 سالن جي نينگر جو تعلق آنڌرا پرديش جي ڪرشنا ضلعي جي گاريواڊا سان آهي. هنن ٻنهي جا گهر شهر ۾ ويجهو هئا ۽ چيو وڃي ٿو ته اها عورت نينگر جي جي تمام ويجهو هئي. 19 جولاءِ تي شاگرد اوچتو گم ٿي ويو، جنهن جو اطلاع سندس والد پوليس کي ڏنو. جڏهن پوليس جاچ ڪئي ته انڪشاف ٿيو ته نينگر سوپنا نالي عورت سان گڏ گهران نڪري ويا آهن، ڪيترن ئي ڏينهن جي جدوجهد کانپوءِ نيٺ پوليس عورت ۽ نينگر جو پتو لڳائي ورتو. اهي ٻئي تلنگانا رياست جي راڄڌاني حيدرآباد جي هڪ علائقي بال نگر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، جتان انهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ واپس گهر وارن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.