ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) گرمي جي لهر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ جاپانين گرمي جو ٽوڙ ڳوليندي”واٽر جيلي“ٺاهي ورتي آهي، جيڪا بوتلن ۾ بند ڪري وڪرو ڪئي پئي وڃي. واٽر جيليءَ کي ٿڌو ڪري چمچي سان کاڌو وڃي ٿو يا ميون وغيره تي رکي اڃ اوجهائي سگهجي ٿي. ان کي ٺاهڻ واري ڪمپني JR ايسٽ ڪراس واٽر ڪمپني اعتراف ڪيو ته واٽر جيلي سندن اميد کان وڌيڪ مشهور ٿي وئي آهي ۽ اندازي کان 3 ڀيرا وڌيڪ وڪرو ٿي رهي آهي. بي رنگ جيلي کي ڏسندي ائين لڳي ٿو ته اها پاڻيءَ جهڙي ٿي سگهي ٿي، اها  بي ذائقي هوندي پر Aqua Jelly حقيقت ۾ مختلف ذائقن ۾ تيار ٿي رهي آهي. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ذائقو راميون آهي جيڪو تمام گهڻو وڪرو ٿي رهيو آهي. 100 ملي جيلي ۾ ڪل ڪلورين جو انگ 55 آهي جڏهن ته 100 ايم ايل ڪوڪا ڪولا ۾ صرف 37 ڪيلوريون هونديون آهن. هن کي جيتوڻيڪ 30 کان 50 جي عمر وارا ماڻهو شوق سان کائي رهيا آهن پر بزرگ جاپاني پڻ واٽر جيلي پسند ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته اها کائڻ ۾ سولي آهي.