ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور خان چيو آهي ته اڄ ڪلهه اسٽارڊم جهڙي ڪائي شيءِ ناهي رهي، هاڻ فلم جو اسڪرپٽ جيترو سٺو هوندو فلم ايتري هٽ ٿيندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هڪ انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته اسٽريمنگ سروسز ۽ ڪورونا وائرس کانپوءِ دنيا گهڻو بدلجي وئي آهي جنهن سان اهو فائدو ٿيو آهي ته ماڻهو هاڻي اسڪرپٽ تي ڌيان رکندا آهن. ڪرينا ڪپور چيو ته اڄوڪي دور ۾ اداڪار پنهنجي آڱرين تي آهن، کين ڪا خبر ئي ناهي ته ڪهڙي پاسي وڃڻو آهي، کين سٺي مواد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سٺيون شيون پڙهو، هاڻي اهو دور ناهي جو اداڪارا مشهور آهي ته سندس فلم به باڪس آفيس تي ڪامياب ٿيندي. اداڪارا موجب ان ڳالهه جي ضمانت ناهي ته سڀاڻي ڪنهن جي فلم 50 ڪروڙ جو بزنس ڪندي يا سوشل ميڊيا تي ڪنهن جا 50 هزار فالوورز آهن، هاڻ اسٽارڊم ۽ ڪاميابي بي معنيٰ ٿي وئي آهي. 41 ورهين جي اداڪارا انٽرويو ۾ چيو ته هاڻي بالي ووڊ ۾ ڪنهن کي به خدا ناهي مڃو ويندو، سڀ اداڪار آهن ۽ عوام سٺو مواد ڏسڻ چاهي ٿي، اداڪارن جي سوشل ميڊيا تي مشهور ٿيڻ سان فلمون هٽ ناهن ٿينديون.