لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي نين چونڊن جي تياري جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ وزيراعليٰ  هائوس ۾ اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي نين چونڊن لاءِ تياري جو ٽاسڪ ڏيندي چيو ته ملڪي معيشت جي خراب صورتحال سبب ملڪ ۾ عام چونڊون تمام جلد ٿي سگهن ٿيون، ايندڙ  6 کان 8 هفتن ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿي سگھي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي تنظيمون چونڊن جي تياري ڪن ۽ حڪمت عملي جوڙين. هن ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ٻن هفتن ۾ پنجاب ۾ تنظيم سازي جو عمل مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيندي چيو ته تنظيم سازي مڪمل ڪئي وڃي جيئن عام چونڊن ۾ ڀرپور انداز ۾ وڃون. عمران خان چيو ته 25 مئي تي جن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو، قانون ان حوالي سان رستو اختيار ڪندو، مون کي خبر آهي ته ڪنهن اسان سان ٻه نمبري ڪئي پر آئون سڀني اڳيان ڪنهن جو نالو وٺڻ نٿو چاهيان. ذريعن موجب اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پنهنجي راءِ به پيش ڪئي. ان کان اڳ عمران خان وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان ملاقات ڪئي، وزيراعليٰ آفيس ۾ ٿيل ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنجاب مان غيرآئيني ۽ غيرقانوني حڪومت ختم ڪرڻ تي پرويز الاهي ۽ مونس الاهي کي مبارڪباد ڏني، پرويز الاهي سياسي وفاداريون بدلائيندڙن خلاف ڀرپور موقف تي ڄمي بيهڻ واري عمران خان جي سياسي بصيرت کي ساراهيو. ان موقعي تي عمران خان پنجاب جي عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پرويز الاهي عمران خان کي آگاهه ڪيو ته متاثرن جي مدد لاءِ انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا متحرڪ آهن، فوتين جي وارثن کي 8-8 لک رپيا امداد ڏني ويندي.