اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت ۽ اسٽيٽ بينڪ گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ جا مسئلا عارضي  نوعيت جا آهن، ملڪي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پوري قوت لڳائي پئي وڃي، گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته فيبروري کان ناڻي ذخيرا گهٽ ٿيڻ شروع ٿيا جنهن جو سبب ٻاهران ناڻو اچڻ جي ڀيٽ ۾ ناڻو وڃڻ وڌيڪ آهي، ناڻو اچڻ جو ذريعو آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ کان قرض، چين سعودي ۽ يو اي اي جهڙن دوست ملڪن کان ڊپازٽس ۽ قرضن جي صورت ۾ ٻطرفي مالي معاونت آهي. ناڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي آءِ ايم ايف پاران جائزي ۾ دير سبب ٿي، پرڏيهي قرضن جي ادائگي جو سلسلو به جاري رهيو جنهن ڪري مٽا سٽا جي ناڻي تي دٻاءُ اچي ويو، گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته نئين اهم اڳڀرائي ٿي آهي جنهن سان عارضي مسئلا حل ٿي ويندا 13 جولاءِ تي آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ڪري ورتو آهي، ايندڙ هفتن ۾ 1.2 ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو بورڊ جو اجلاس ٿيندو. گڏيل بيان ۾ اهو به چيو ويو ته حڪومت اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته آڪٽوبر 2023ع تائين پنهنجي مدت پوري ڪرڻ جي خواهشمند آهي. اهوبه چيو ويو ته رپئي جي قدر ۾ اضافو به ٿيندو.