اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول رڳو 3 رپيا لٽر سستو ڪري هاءِ اسپيڊ ڊيزل 8.95 ۽ گاسليٽ 4.62 رپيا في لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو، لائيٽ ڊيزل رڳو 12 پئسا سستو، حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڊالر سان مشروط ڪرڻ جو به فارمولو تيار ڪري ورتو

تفصيل موجب ناڻي وزارت پيٽروليم شين جي نئين  قيمتن بابت ڪالهه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن موجب پيٽرول 3 رپيا 5 پئسا سستو ڪيو ويو جنهن بعد پيٽرول في لٽر جي نئين قيمت 227 رپيا 19 پئسا مقرر ڪئي وئي

هاءِ اسپيڊ ڊيزل 8 رپيا 95 پئسا مهانگو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت 244 رپيا 95 پئسا لٽر ٿي وئي آهي، گاسليٽ 4 رپيا 62 پئسا في لٽر مهانگو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت  201 رپيا 7 پئسا مقرر ٿي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل رڳو 12 پئسا سستو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت 191 رپيا 32 پئسا مقرر ڪئي وئي، ناڻي وزارت پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

نوان اگهه رات کان لاڳو ٿي چڪا آهن، نيون قيمتون 15 ڏينهن لاءِ لاڳو هونديون. هوڏانهن حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڊالر جي سراسري ريٽ جو فارمولو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي سي) اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن جي طريقيڪار لاءِ پيٽروليم ڊويزن جي تجويز جي منظوري ڏني وئي

اي سي سي هڪ هفتي اندر پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ جي ٻين آپشنز تي به ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جي اگهن کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ تجويزون گهري ورتيون. نئين فارمولي تحت پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين آخري ڏينهن جي ريٽ بدران ڊالر جي سراسري ريٽ موجب ڪيو ويندو