لنڊن: (دلچسپ نيوز) ٻارن جي لاءِ دنيا جو پهريون اسمارٽ فون تيار ڪيو ويو. موبائل رکندڙ ٻار هر وقت والدين جي پهچ ۾ رهندو.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ٻارن جي لاءِ تيار ڪيل اسمارٽ فون(نووس) هڪ ئي وقت ۾ اسمارٽ فون، اسمارٽ واچ ۽ مصنوعي ذهانت وارو اسپيڪر بڻجي ويندو آهي. هي فور جي نيٽ ورڪ کي به سپورٽ ڪندو آهي. جڏهن ته وڊيو ڪال، آڊيو ڪال، اسمارٽ ميسجنگ جي سهوليت به موجود آهي. هن فون جي اهم ڳالهه اها آهي ته هن کي ننڍن هٿن جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ۽ ان جي بيٽري روايتي فون جي مقابلي ۾ 3 ڀيرا وڌيڪ ڪم ڪندي آهي.ٻارن جي لاءِ ڊيزائن ڪيل هن فون ۾ والدين طرفان لڳايل لاڪ ۽ پابندين جي سهوليت موجود آهي