واشنگٽن(دلچسپ نيوز) بهادر نينگري همت ڪري اغوا ڪندڙن کان پاڻ بچائي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ 11 ورهين جي نينگري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪار ۾ سوارهٿياربند اسڪول ويندڙ نينگري کي اڪيلو ڏسي گاڌي مان لٿو، هٿياربند نينگري کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ساڻس مزاحمت ڪئي، نينگري جي مزاحمت سان هٿياربند زمين تي ڪري پيوجنهن بعد فرارٿي ويو ۽ نينگري پاڻ کي بچائڻ لاءِ اڳتي ڀڄي پوليس وٽ پهچي وئي. پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ 30 ورهين جي جيرڊ طور ٿيڻ بعد کيس گرفتارڪيو ويو آهي، کائنس هڪ چاقو پڻ هٿ آيو آهي، وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.