ڪوئيٽا(دلچسپ نيوز) ڪوئيٽا ويجهو ايراني نسل جي چيتي جو جوڙو هٿ اچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪوئيٽا جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ڪوهه چلتن ۾ ناياب نسل جي چيتي جو جوڙو هٿ آيو آهي جنهن کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا آهن، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جوڙي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ان حوالي سان وائلڊ لائيف جي چيف ڪنزرويٽو شريف الدين بلوچ چيو آهي ته چيتي جي ان نسل کي پرشين ليپرڊ سڏيو وڃي ٿو ۽ اهو نسل ماحولياتي تبديلي سبب خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ان کان اڳ 2011-12 ۾ پڻ مڪران واري علائقي ۽ 2013 ۾ سکر ويجهو ان نسل جي چيٽي جي موجودگي جا اطلاع ملي چڪا آهن.