ايمسٽرڊيم(دلچسپ نيوز) پاڻي جي تهه ۾ ڄمي ويندڙ سينور مان خوبصورت ڊيزائن وارو ڪپڙو تيار ڪيو ويو. ماهرن ان کي وڏي اڳڀرائي قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هالينڊ جي يونيورسٽي آف راڪيسٽر جي ماهرن تلائن، سوئمنگ پولز ۽ سامونڊي پٿرن تي ڄمي ويندڙ سينورتي تجربو ڪيو، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته تجربي دوران سينور کي مختلف مرحلن مان گذاري بهترين ۽ خوبصورت ڊيزائن وارو ڪپڙو تيار ڪيو ويو، اها دريافت انتهائي اهم اڳڀرائي آهي، مستقبل ۾ ماڻهن کي مضبوط، لچڪدار۽ خوبصورت ڊيزائن وارا ڪپڙا ملي سگهندا. ميڊيا کي آگاهي ڏيندي سائنسدانن ٻڌايو ته سينورمان تيارڪيل ڪپڙو فيشن جو حصو هوندو، جنهن کي ڏسي سڃاڻڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه پڻ نه هوندي. سائنسدانن موجب اهو ڪپڙو عام ڪپڙي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سستو هوندو ۽ شوقين پڻ ان کي وڏي شوق سان استعمال ڪندا. واضح رهي ته ان کان اڳ ماهرن سينور کي فوڊ سپليمينٽ طور استعمال ڪرڻ جو ڪامياب تجربو پڻ ڪري چڪا آهن. سائنسدانن ٻڌايو ته بي جان بيڪٽيريل سيلولوز جي ميلاپ سان هڪ انوکو مادو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو سينور جي فوٽو سينٿيسز معيار ۽ بيڪٽيريل سيلو لوز جهڙي مضبوطي پيدا ڪري ٿو ان جي مدد سان ڪپڙن کان علاوا هٿرادو پتا ۽ کل به تيار ڪري سگهجي ٿي.