ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ۽ مبارڪپور ۾ منشيات جا اڏا ۽ جوا جون ٽڪريون سرعام هلي رهيون آهن، جنهن سبب شهر جا نوجوان منشيات واپرائي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي سان سماجي برائين خلاف شهرين مولانا طاهر حسين مهتم، مهتاب علي مهر، حق نواز مهتم، ڌڻي بخش مهتم، بخش علي
مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته شهر ۾ منشيات ۽ جوا جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر مان سماجي برايون ختم ڪرايو وڃن.