سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سکر جي سماجي تنظيم پاران معصوم ٻارڙن سان زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي بلال سومرو، صبا ڀٽي، لياقت ڊريهو، حسن شاهه، گل حسن چاچڙ ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، پ پ حڪومت اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي به اُپاءُ نه ورتا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت قانوني سزا ڏني وڃي.