ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ۾ پاڻي جي پيدا ٿيل بحران تي ضابطو ناهي اچي سگھيو ، ڪراچي ۽ ٺٽو کي پاڻي فراهم ڪندڙ مک واھ ڪلري بگھاڙ اپر ۾ 9100 ڪيوسڪ جي جاءِ تي 21 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي بعد ٺٽي ضلعي اندر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ضلعي اندر گذريل 21 ڏينهن کان پاڻي جي شدت اختيار ڪري ويل بحران جو هن مهل تائين آبپاشي کاتي پاران ڪو به حل نه ڪڍيو ويو، جنهن ڪري ضلعي جي چئن تعلقن ٺٽو، ساڪرو، گھوڙا ٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي سمورن شهرن توڙي ڳوٺن کي پاڻي مهيا ڪندڙ ڪلري بگھاڙ واھ لوئر مان نڪرندڙ 3 اهم برانچن پيرينل اڏيرو لال، نان پيرينل ساڪرو برانچ ۽ ڄام برانچ ۾ پاڻيءَ جي عدم دستيابي ڪري انهن مان نڪرندڙ 250 کان مٿي واهن، شاخن ، نالين، واٽر ڪورسن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري واري اڏامي رهي آهي، جڏهن ته پاڻي جي عدم دستيابي جي ڪري ضلعي جي 4 ئي تعلقن جي سمورين واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي تلائن ۾ پڻ پاڻي کٽي ويو آهي. پاڻي جي نه هجڻ ڪري ضلعي جي 10 لک کان مٿي شهري توڙي ٻهراڙي علائقن جي انساني آبادي سان گڏ چوپايو مال پڻ اڃ وگھي تڙپڻ لڳو. ٻئي پاسي پاڻي جي بدستور بحران سبب ضلعي اندر خريف جي مند جي فصلن جي پوکائي اهي ٿي سگھي. ساريال سميت ٻين فصلن جي پوکائي نه ٿيڻ ڪري ضلعي اندر 80 سيڪڙو کان به گھٽ خريف جي مند جي فصلن جي لهڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن پاڻي جي سنگين بحران سبب ضلعي جي سامونڊي ۽ ڪوهستاني وسندين ۾ پڻ هتان جي لکين انساني آبادي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي وئي آهي.