عورت اسسٽنٽ ڪمشنر سان بدتميزي:فردوس عاشق اعواڻ مٿان ڇتي تنقيد

0
268

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سيالڪوٽ ۾ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر سان بدتميزي ڪرڻ تي پنجاب جي وڏي وزير خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ مٿان ڇتي تنقيد، وزيراعظم جو خصوصي معاون عثمان ڊار به اي سي سونيا صدف جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو، عثمان ڊار چيو آهي ته سيالڪوٽ جي اي سي صدف سونيا کي سڃاڻان ٿو، هو ايماندار آفيسر آهي، ساڻس پيش آيل ناخوشگوار واقعي تي افسوس ٿيو، ملڪ اندر گورننس کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي، جنهن کي ساراهڻ گهرجي، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سرول سروينٽس ۽ بيوروڪريٽس محنت سان امتحان پاس ڪرڻ بعد عهدن تي ايندا آهن، اُهي سليڪٽ ٿي ناهن ايندا، وزير ٿيڻ جو اهو مطلب ناهي ته توهان کي آفيسرز جي تذليل جو لائسنس ملي ويو، فرودس عاشق اعواڻ سونيا صدف کان معافي وٺي.