ٺٽو ( رپورٽر ) مڪاني چونڊن جي خاتمي جي ٽئين ڏينهن بعد آزاد اميدوارن پاران چونڊ ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻي مخالف اميدوارن خلاف پريس ڪانفرنسون ڪري ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ويو آهي . ان ڏس ۾ ٺٽي تعلقي جي يونين ڪائونسل گل منڊا جي چئرمين جي سيٽ چونڊ وڙهندڙ جوڙي عبدالحميد خاصخيلي ۽ پيار علي مونڌو پريس ڪلب ٺٽو پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هنن آزاد اميدوار طور مڪاني چونڊ ۾ حصو ورتو آهي جنهن ۾ سندن علائقي جي ووٽرن مٿن اعتماد ڪندي 1775 ووٽ ڏنا آهن پر ان جي باوجود سرڪاري مشينري سندس 310 ووٽ خارج ڄاڻائي ان جي مخالف پ پ جي اميدوار کي ڪامياب قرارڏئي ڇڏيو آهي هنن چيو ته هنن اهڙي عمل خلاف ڊي آر او کي پڻ درخواست ڏني جنهن تي ٻيهر ڳڻپ ٿي ته پهرين ئي پولينگ جي پهرين ئي ڳڻپ ۾ سندس ووٽ مخالف اميدوار کان وڌيا ته سندن مخالف اميدوار ۽ ان جي حامين بائيڪاٽ جو جواز ڄاڻائي ڳڻپ روڪرائي ڇڏي آهي هنن چيو ته ضلعي ڪائونسل جي هال ۾ ووٽن جا ٿيلها رکيا ويا آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ محفوظ ناهن. هن چيو ته هن وارڊ جي چئن ئي پولينگ اسٽيشنن تان اڪثريت ووٽن سان کٽيو آهي جنهن جون هن وٽ پولينگ اسٽيشنن جا نتيجا پڻ آهن جن تي پرزائيڊينگ آفيسرن جون صحيحيون ۽ اڱوٺا پڻ لڳل آهن هن چيو ساڻس انصاف نه ٿيو ته هو نه رڳو اليڪشن ٽربيونل ويندو پر عدالت جو به انصاف در کڙڪائيندو .