ڏوڪري (ن پ ا) يوسي جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم ٻڍل لاکير جي پٽ پيپلز پارٽي ڇڏي جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي، فهد لاکير 26 جنوري تي رٿيل جلسي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جي موجودگي ۾ برادرين سميت جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو. ان سلسلي ۾ فهد لاکير يونين ڪائونسل يارو لاکير ۾ ملاح، ڀنڊ، ڪانڌڙا، جوڻيجا، سولنگي سميت ٻين برادرين جي چڱن مڙسن سان گڏجاڻيون شروع ڪري ڇڏيون آهن،فهد لاکير جو چوڻ هو ته منهنجو والد ٻڍل لاکير پيپلزپارٽي ۾ رهيو ۽ يونين ڪائونسل يارو لاکير جو چيئرمين به رهيو. هن چيو ته 26 جنوري تي عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جي موجودگي ۾ جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪندس.