ٺٽو ( رپورٽر) ٺٽو نرسينگ ڪاليج جي شاگردياڻين پاران نرسينگ ڪاليج کان سول اسپتال ٺٽو جي جي مک گيٽ آڏو ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري نرسينگ ڪاليج جي پرنسپل خلاف سخت نعري بازي ڪري فوري طور تي رهيل 2 مهينن جي وظيفي جي ادائيگيءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نرسينگ ڪاليج جي شاگرياڻين رمشاھ ، نازش ، فاطمه ۽ ٻين احتجاجي ڌرڻي دوران خطاب ڪندي ڪاليج جي پرنسپل تي الزام هڻندي چيو ته پرنسپل وظيفي جي 30 هزار رپين مان مان 7 کان 10 هزار رپين تائين بلاجواز ڪٽوتي ڪري رهي آهي ۽ کين هن مهل تائين 3 مهينن مان رڳو هڪ مهين جي رقم ڏني وئي آهي. هنن اهو به انڪشاف ڪيو ته ٺٽي جي نرسينگ ڪاليج ۾ زير تعليم شاگردياڻيون 47 آهن پر50 شاگردياڻين جو وظيفو ورتو پيو وڃي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين سندن رهيل مڪمل وظيفو نٿو ڏنو وڃي تيسائين سندن احتجاج جاري رهندو. ڊي سي غضنفر علي قادري شاگردياڻين جي ڌرڻي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايچ او کان رپورٽ طلب ڪندي انڪوائري لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو رياض لغاري کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.