ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آفيسرن جي سوشلسٽ فورم گروپ جي گڏجاڻي  ٿي، گڏجاڻي ۾ سوشلسٽ فورم جي سربراهه منظور مگسي، اشفاق ٻٻر، آفتاب ناگراج، فهد احمد قريشي، ڊاڪٽر فيصل انصاري، ڪامران جمالي، عارف مگسي، پيرل وگهيو، سليم جوڻيجو، سميت ٻين آفيسرن ۽ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سوشلسٽ فورم جي اجلاس ۾ زرعي يونيورسٽي ۾ مالي بحران جي موجدا صورتحال، ٽائيم اسڪيل، نئي پگهار ۽ آفيسرن جي مسئلن تي بحٽ ڪيو ويو، آفيسرن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وائيس چانسلر هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ آفيسرن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي،نئي بجيٽ ملڻ جي صورت ۾ آفيسرن کي نئي پگهار پهرين نومبر تي وائيس چانسلر ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، سوشلٽ فورم جي سربراهه منظور مگسي چيو ته آفيسرن جي سليڪشن بورڊ بابت وائيس چانسلر سان ڳالهائي مسئلو حل ڪرايو ويندو سازشي ٽولو نٿو چاهي ته آفيسرن جا جائز مسئلا حل ٿين ۽ آفيسرن کي ٽائيم اسڪيل ملي، آفيسرن کي يونيورسٽي خلاف احتجاج لاءِ ڀڙڪائيندڙ اداري جا خيرخواهه ناهن.