ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو ايريگيشن عملدارن جي نااهلي سبب مرزا شاخ کي ڳوٺ نيڪ محمد پهوڙ وٽان 30 فوٽن جو گهارو لڳڻ سبب ڳوٺ نيڪ محمد پهوڙ، ڳوٺ امداد پهوڙ سميت 3 ڳوٺ ٻڏي ويا، جڏهن ته گهاري وارو پاڻي جونگل شهر طرف وڌڻ لڳو آهي، جنهن ڪري خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن گهاري تي ضابطو نه آيو ته جونگل شهر ٻڏڻ جو خطرو آهي گهاري جو اطلاع ملڻ باوجود ايريگيشن عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتا جنهن ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻي تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته گهاري جو اطلاع بروقت ايريگيشن عملدارن کي ڏنو سين اهي نه پهتا جنهن ڪري گهاري جو پاڻي اسان جا 3 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا ۽ هاڻي گهاري وارو پاڻي جونگل شهرطرف وڌڻ لڳو آهي جنهن ڪري خدشو آهي ته جونگل شهر نه ٻڏي وڃي هنن گهر ڪئي ته گهاري تي ضابطو آندو وڃي.