گڊو / باڊهه (ن پ ا )  گڊو ۾ ڪتي ڏاڙهيل قائم الدين کوسو فوت ٿي ويو.حافظ اسلام الدين کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ وڏي ڀاءُ قائم الدين کوسو کي ڪتي چڪ هنيو، ڪشمور اسپتال مان کيس ويڪسين ڪرائي هئي.هن چيو ته طبعيت خراب ٿيڻ تي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال کڻائي وياسين جتي هو فوت ٿي ويو، هوڏانهن باڊھه ويجهو ڳوٺ دڙا ۾ اسڪول اندر پناهه ورتل برسات متاثرن جي هڪئي خاندان جي 3 ٻارڙن زاهده، ياسين ۽ امتياز خاصخيلي کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جن کي اسپتال ۾ ويڪسين ڪئي وئي.وارثن برڪت خاصخيلي، بدرالدين خاصخيلي جو چوڻ هو ته  اسان جا گهر برسات سبب ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، رليف ڪيمپ ۾ رهون ٿا، جتي ڪتن جو وڏو آزار آھي.