ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو عورت زميندار سميت 3 ڄڻن خلاف گھر ۾ گھڙي مارڪٽ ۽ تذليل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، خبر موجب بودرفارم ڀرسان ڳوٺ چوڌري بشير آرائين واسڻ بيواهه شگنه ميگھواڙ ٽن جوابدارن، نانڪ ميگھواڙ، مڌن ميگھواڙ ۽ سندس زميندار چوڌري غلام حسين خلاف زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرايو، فريادي عورت ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدارن سندس گھر ۾ گھڙي جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي، وارن مان گھلي تذليل ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون، ياد رھي ته ڄاڻايل عورت گذريل ڏينھن جوابدار مڌن ميگھواڙ تي مبينا زيادتي جي ڪوشش جا الزام پڻ لڳايا ھئا ۽ ڪالهه مٿس تشدد جو ڪيس داخل ڪرايو آھي.