ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ تارڪو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن  ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب  حبيب رحمان اسلامي،  غلام علي اسلامي، مسمات نفيسا اسلامي ۽ رسول خاتون زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ٻي طرف  پوليس ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي.