ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خير شاهه وٽ ڳوٺ بلند محمداڻي ۾ اتفاقي بندوق ڇٽڻ سبب محمداڻي برادري جا 2 معصوم ٻرڙا زخمي ٿي پيا  جن کي وارثن علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته ھڪ نينگر سيف الله  زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو ماحول سوڳوار بڻجي ويو.