ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو نوجوان پيئڻ جو پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب تلاءَ ۾ ٻڏي فوت، خبر موجب ڳوٺ  ڀوتيو جو رهواسي 30 ورهين جو شادي شده نوجوان اقبال پٽ دودو پير ترڪڻ سبب پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش ڪڍي ڇاڇرو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حھالي ڪيو ويو، وارثن موجب نوجوان پيئڻ جو پاڻي ڀري رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب تلاءَ ۾ ڪري پيو، نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو،