دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ بيواھ فاطمه چانڊيو ٻن معصوم پٽن سميت دادو پريس ڪلب پهچي پيءُ ۽ ڀائرن پاران زبردستي شادي ڪرائڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته سندس مڙس  عاشق چانڊيو وين ڊرائيور جيڪو 6 مهينا اڳ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي ، پيءُ عبدالمجيد ڀاءُ نثار ميراثي زبردستي 2 لک رپين عيوض پيرسن سان شادي ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو منهنجي انڪار تي پيءُ، ڀائرن تشدد ڪيو ، مان پيءُ ۽ ڀائرن جو گهر ڇڏي پاڙي ۾ مائٽن وٽ پناھ ورتي آهي ته انهن ڌمڪيون ڏين ٿا ، منهنجي پيرسن ماءُ تي تشدد ڪيو پيو وڃي ، مسمات فاطمه مطالبو ڪيو آهي ته کيس معصوم پٽن سميت عزت سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.