ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ ڏاتو دستي ۾ چلھه مان چڻنگ اُٿڻ ڪري 4 ڳوٺاڻن جي ڪکاون گهرن کي باھ وڪوڙي وئي، ڳوٺاڻن پاران بروقت اطلاع باوجود فائربرگيڊ گاڏي واقعي واري هنڌ تيل ختم ٿيڻ سبب نه پهچي سگهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، ان حوالي سان ڳوٺاڻن دلبر دستي، لياقت دستي ،شوڪت دستي،عبدالمجيد دستي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته باهه سبب 4 گهر سڙي ويا آهن پر اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي نه پهتي، جنهن سبب نقصان ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.