دادو (رپورٽر ) دادو ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي غاري خان جمالي ، امتياز لنڊ ، ارشاد علي جتوئي ۽ عنايت علي جمالي جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ استاد پاران تعليم کاتي دادو جي ٽي او عبدالشڪور آرائين خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. هنن دانهيو ته ٽي او دادو بنا رشوت جي استادن جا جائز ڪم نه ٿو ۽ استادن جي شڪايت تي پ ٽ الف تعلقي دادو جي صدر منصور ڪلهوڙو آفيس پهتو ته ٽي او مٿس حملو ڪيو هنن چتاء ڏنو آهي جيسيتائين استاد دشمن ٽي او دادو کي نه هٽايو ويندو تيسيتائين سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.