شاهپورجهانيان (ن پ ا) شاهپورجهانيان جي ويجهو ڳوٺ عرض محمد لغاري جي پورھيت عورتن ارباب خاتون، ياسمين سولنگي پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان پنهنجي گهرن جي ڀرسان هارپي تي ڪاهيندڙ ڪڻڪ جو فصل جو لابارو پئي ڪيو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي موجود
4 هٿياربندن اسان مٿان هوائي فائرنگ ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ اسان کي اغوا ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، هنن چيو ته اسان جي دانهن ڪوڪن تي آسپاس جا ڳوٺاڻا پهتا جن هڪ هٿياربند امتياز سولنگي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، باقي 3 هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هنن چيو ته اسان جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿيل آهي امتياز ۽ سندس ڀاءُ امداد سولنگي منهنجي پٽ جي زال ۽ ٻارڙا روڪيو ويٺا آهن، اسان سان بااثرن جي چرچ تي هميشه ناجائزيون ڪندا پيا اچن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي. هوڏانهن واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪئي وئي آهي.