ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي يوٽليٽي اسٽورن تي هڪ هفتي کان اٽو اڻلڀ، شھر ۾ مهانگي اگھه تي 140 رپيا في ڪلو اٽو وڪامڻ لڳو، ان ڏس ۾  ٺري ميرواھ شھر ۾ دڪاندارن جي ملي ڀڳت سان اٽو140رپيافي ڪلو وڪامڻ لڳو آھي، سنڌ سرڪار جي سرڪاري اگھن واري اٽي جو اسٽال  شھر سميت ڀرپاسي جي شھرن  ۾ نه لڳي سگهيو آھي، جڏھن ته يوٽليٽي اسٽورن تي به ماڻھن کي سستي اٽي فراهمي جو رليف هڪ هفتي کان بند آھي، ان حوالي سان  شهرين شفيع محمد ملاح، مصطفيٰ جوڳي، عبدالوهاب شر، محمد خان شر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اٽو مهانگو ٿيڻ سبب ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو  ناهي، نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي.