ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 3900 رپيا تولو گهٽتائي ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي. في تولي جي قيمت 3900 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 8 هزار 500 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي 2 لک 4 هزار 600 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 2260 رپيا تولو برقرار رهي. ڪراچي ۾ سون جي تولي جي قيمت ٻين شهرن جي مارڪيٽن کان 100 رپيا سستي 2 لک 4 هزار 500 رپيا رهي. 10 گرام سون جو اگهه 3 هزار 429 رپيا گهٽجي هڪ لک 75 هزار 326 رپيا ٿي ويو. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 46 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 865 ڊالر ٿي وئي. ٻئي طرف ڪرنسي جي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿي ويو، ڊالر جي وڪري جو اگهه 283 رپين مان وڌي 284 رپيا ٿي ويو. بحرين جو دينار 720 رپيا 72 پئسا، ڪويتي دينار 887 رپيا، اوماني ريال 704 رپا 8 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.