ملير ( رپورٽر) لاڙڪاڻو  جي ڳوٺ دلاور سانگي واسي جوڙو غلام ياسين سانگي ۽ ڪرن سانگي ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ نڪاح ڪرڻ بعد تحفظ لاء مليرپريس ڪلب پهچي ويا ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ناري ڪرن سانگي چيو ته منهنجي پيءُ محمد ابراهيم ۽ سڳي ڀاءُ ارشد سانگي منهنجي مڱڻي سئوٽ غلام ياسين سانگي سان ڪرائي جنهن کان 80 هزار رپيا وٺي شادي جي تاريخ پڻ ڏني جڏھن منهنجو مڱيندو باقي طئي ٿيل رقم کڻي آيو ته ويڳن ڀائرن سڪندر جتوئي ۽ پپن جتوئي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي شادي ٻئي هنڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اهڙي فيصلي بعد هفتو اڳ گهران نڪري ڪراچي پهچي عدالت ۾ غلام ياسين سان نڪاح ڪيو جنهن بعد منهنجي ويڳن ڀائرن سڪندر ۽ پپن  مڙس جي لاڙڪاڻي ۾ گهر تي هٿيارن جي زور تي چڙھائي ڪري پيرسن سهري عبدالمجيد, ڏيرن يامين ,نزاڪت ۽ سلمان مٿان سخت تشدد ڪري گهرمان سامان جي ڦرلٽ ڪري گهر تي قبضو ڪري ويهي رهيا آھن ۽ منهنجي مڙس تي اغوا جي ڪوڙي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي آھي, ھنن چيو ته اسان کي سڪندر جتوئي , پپن جتوئي مان جان جو خطرو آھي اسان چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ,آءِ جي سنڌ ,ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان گهر ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .