ٺارو شاهه ۾ عورت کي مبينا اغوا ڪري تشدد واري واقعي جو 3ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
206
ٺارو شاهه ۾ عورت کي مبينا

ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺارو شاهه ۾ عورت کي مبينا اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آھي، ٺارو شاهه ۾ عورت کي مبينا اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ واري  واقعي جو 3ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

ٽائيم نيوز جي خبر بعد  ايس ايس پي نوشهروفيروز جي  هدايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو

مسمات گلشاد پنهنجي ڀاءُ واجد، اڳوڻي  مڙس نديم سولنگي غلام فاروق  سولنگي خلاف ڪيس داخل ڪرايو

پوليس موجب ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڪارروائي ڪندي هڪ  جوابدار کي گرفتار ڪري  ورتو آهي